اسحاق راهي

اسحاق راهي

اسحاق راهي

اسحاق راهي: اسحاق راهي سنڌ جو مشهور شاعر ٿي گذريو آهي. سندس اصل نالو محمد اسحاق سومرو ۽ تخلص ”راهي“ هو ۽ ”اسحاق راهيءَ“ جي نالي سان مشهور آهي. سندس پيءُ جو نالو محمد صالح سومرو هو. اسحاق راهي 9 اپريل 1935ع تي ميهڙ ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ميهڙ مان ئي حاصل ڪيائين. پهريون ۽ ٻيو درجو مشهور محقق ۽ عالم مرحوم مولانا غلام محمد گراميءَ وٽ ۽ مئٽرڪ مشهور اديب م. ن محزون وٽ پڙهيو. مئٽرڪ ڪرڻ کانپوءِ پرائمري استاد مقرر ٿيو، گڏوگڏ مختلف سماجي ۽ ادبي تنظيمن سان واڳيل رهيو، جن ۾ بزم لطيف (نصيرآباد)، بزمِ اڪبر (ميهڙ)، سنڌ ڪلچرل ڪائونسل (ضلعو دادو)، بزمِ شعراء، بزم طالب الموليٰ، سنڌي ادبي سنگت، رابيل شر ادبي فورم ۽ ٻيا ادارا شامل آهن. هن ڪهنه مشق شاعر جي شاعري سنڌ جي اڪثر ادبي رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿي چُڪي آهي. پاڻ هڪ اشاعتي اداري، ”سرمد پبليڪيشن“ جو بنياد پڻ وڌائين، جتان علامه مستاني سيوهاڻيءَ جو ناول ”ٻير جي ڍنگهري“ ۽ هڪ سؤ اديبن ۽ شاعرن جي سوانح عُمرين تي مشتمل هڪ ڪتاب ”وڻجارا“ ڇپايائين. سندس ذاتي تصنيفن ۾ ”گلدستو“، ”مجموعه غزل“ ۽ ”رباعيات راهي“ شامل آهن. سنڌ جي هن شاعر، محقق ۽ پبلشر 6 جون 1994ع تي وفات ڪئي.


لفظ اسحاق راهيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1935.04.09  عيسوي

اسحاق راهي 9 اپريل 1935ع تي ميهڙ ۾ ڄائو


1994.06.06  عيسوي

اسحاق راهي 6 جون 1994ع تي وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تابش بخاري
ڀون سنڌي
رضوي سيد علي مدد شاهه
سڪندر خان کوسو
شير محمد لغاري
سيد فاضل شاهه فاضل
بکر شيخ
ذوالفقار راشدي
باشو 1
سلطان باهو
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون